خورشيد احمد شاهه

خورشيد احمد شاهه

خورشيد احمد شاهه

خورشيد احمد شاهه: نامياري سياستدان، سيد خورشيد احمد شاهه ولد سيد ذوالفقار علي شاهه، 20 اپريل 1952ع تي سکر ۾ جنم ورتو. اسلاميه ڪاليج سکر مان گريجوئيشن ڪيائين. 1974ع ۾ ماسٽرس ۽ 1978ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سيد خورشيد احمد شاهه جي سياسي وابستگي ابتدا کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي. 1988ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان عرصي ۾ کيس مختلف صوبائي وزارتن جا قلمدان ڏنا ويا، جن ۾ تعليم، تجارت، اطلاعات ۽ ناڻو کاتو شامل آهن. 1991ع کان 1993ع واري عرصي ۾ سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. چونڊن بعد نئين ڪابينا ۾ کيس تعليم جو وفاقي وزير بڻايو ويو. 1997ع ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻيائين. 2002ع واري اليڪشن ۾ اين. اي- 198 تان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ کٽيائين. ان عرصي دوران پيپلز پارٽي اپوزيشن جي جماعت رهي. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي آئي ته خورشيد احمد شاهه کي پهريان اوورسيز ۽ بعد ۾ ’پورهئي ۽ مذهبي مامرن‘ واري کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. اوورسيز سندس اليڪشني تڪ پنو عاقل ۽ سکر آهي. هن وقت سندس شمار پارٽيءَ جي سينيئر ۽ سنجيده سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. مستقل رهائش سکر ۾ اٿس. ڪرڪيٽ ۽ موسيقيءَ سان دلچسپي رکي ٿو. خورشيد احمد شاهه قومي اسيمبليءَ ۾ قائم ڪيل مختلف ڪميٽين جو ميمبر پڻ آهي.


لفظ خورشيد احمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.20  عيسوي

نامياري سياستدان، سيد خورشيد احمد شاهه ولد سيد ذوالفقار علي شاهه، 20 اپريل 1952ع تي سکر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندر گپت موريا
رونالڊ ريگن
علاؤالدين قريشي
باگو فقير
ايسر سنگهه بيدي
ادا جعفري
ارباب کهاوڙ
دياگير سنت
عبدالنبي خان ڪلهوڙو
خانبهادر عظيم خان دراني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون